پني عاقل ويجهو مڇيءَ جي تلاءُ ۾ هڪ ٻارڙي ٻڏي فوت ۽ ٻي کي بچايو ويو

pano aqil

پني عاقل ويجهو مڇيءَ جي تلاءُ ۾ هڪ ٻارڙي ٻڏي فوت ۽ ٻي کي بچايو ويو، جڏهن ته نارَي ويجهو نارا ڪئنال ۾ نوجوان وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو.

پني عاقل جي ڪوٽ بلا واري علائقي ۾ راند ڪندي مڇي جي تلاءُ ۾ 8 ورهين جي آسيه ٻڏي فوت ٿي وئي ۽ سندس ڀيڻ 6 ورهين جي شريفان کي بچايو ويو.

تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻارڙِي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

نارو ويجهو تجل واري علائقي ۾ نارا ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران 18 ورهين جو فدا حسين شر ٻڏي ويو، ڳوٺاڻن ٽوٻن جي مدد سان لاش جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*