ايوان ۾ تحمل جو مظاهرو ڪيو ويندو،اهڙو ڪو مطالبو نه ٿيڻ گهرجي، جنهن سان نظام کي نقصان پهچي:خورشيد شاهه

aposition-

وزيراعظم جي خطاب دوران جوڙيل حڪمت عملي تي ويچارڻ لاءِ اپوزيشن جماعتن جو اجلاس جاري آهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ايوان ۾ تحمل جو مظاهرو ڪيو ويندو، چيف جسٽس جڊيشل ڪميشن جوڙڻ کان انڪار نه پر اپوزيشن جي موقف جي تائيد ڪئي، اهڙو ڪو مطالبو نه ٿيڻ گهرجي، جنهن سان نظام کي نقصان پهچي.

پارليامينٽ ۾ گڏيل اپوزيشن جي اڳواڻن جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ خورشيد شاهه، اعتزاز احسن، شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، آفتاب شيرپائو،  عوام مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد، پرويز الاهي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ آهن.

اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف جي پارليامينٽ ۾ خطاب جي حوالي سان جوڙيل گڏيل حڪمت عملي ويچاريو پيو وڃي.

خورشيد شاهه چيو ته ايوان ۾ تحمل جو مظاهرو ڪيو ويندو، چيف جسٽس جڊيشل ڪميشن جوڙڻ کان انڪار نه پر اپوزيشن جي موقف جي تائيد ڪئي.

هن چيو ته اهڙو ڪو مطالبو نه ٿيڻ گهرجي، جنهن سان نظام کي نقصان پهچي، وزيراعظم جي خطاب کانپوءِ هو پنهنجون تجويزون پيش ڪندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*