ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف دهشتگردن جي علاج واري ڪيس جي ٻڌڻي رينجرز جي وڪيل ايم ڪيو ايم جي 9 ڪارڪنن جي علاج جا ثبوت ۽ بلز پيش ڪيا

Dr-Asim-70516

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف دهشتگردن جي علاج  واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رينجرز جي وڪيل ايم ڪيو ايم جي 9 ڪارڪنن جي علاج  جا ثبوت ۽ بلز پيش ڪيا  آهن،  ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته سندس گرفتاري جا سبب ڪيس نه پر ڪجه ٻيا آهن.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران رينجرز جي وڪيل پوليس جي جاچ آفيسر پاران ايم ڪيو ايم جي 9 ڪارڪنن جي علاج وارن گم ڪيل بلز جون ڪاپيون پيش ڪيون.

عدالت رينجرز پاران پيش ڪيل بلز جون ڪاپيون  جوابدارن جي وڪيلن کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 4 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت اڄوڪي ٻڌڻي کان آجو قرار ڏيڻ لاءِ  وسيم اختر جي درخواست منظور ڪئي، جڏهن ته قادر پٽيل، رئوف صديقي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا.

ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته سندس خلاف سمورا ڪيس ڪوڙا آهن ۽ سندس گرفتاري جا سبب ڪيس نه پر ڪجهه ٻيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*