قومي ٽيم جي ليگ اسپنر ياسرشاهه جون ايم آر اسڪينز اڄ کان شروع ٿي رهيون آهن

yasir-shah

قومي ٽيم جي ليگ اسپنر ياسرشاهه جون ايم آر اسڪينز اڄ کان شروع ٿي رهيون آهن،جنهن جون رپورٽس اچڻ بعد سندس کاٻي گوڏي جي انجري جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ليگ اسپنر ياسر شاهه کاٻي گوڏي جي تڪليف سبب ڪاڪول ۾جاري فٽنس ٽيسٽ ۾ رپورٽ نه ڪري سگهيو ۽ پي سي بي کيس فوري طور تي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ رپورٽ ۾ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 پي سي بي جو چوڻ آهي ته ياسر شاهه جا اسڪينز جو سلسلو اڄ کان شروع ٿيندو،جيئن سندس انجري جو اندازو لڳائي سگهجي.

جيڪڏهن ياسر شاهه جي گوڏي ۾ صرف اسٽرين هوندو ته هو جلد ان مان صيحتياب ٿي ويندو، ٻي صورت ۾ کيس فٽ ٿيڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*