پشاور هاءِ ڪورٽ، ڳجهن ادارن تي حملي واري ڪيس ۾ فوجي عدالت جي جوابدار جي موت واري فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

peshawar-highi-court

پشاور هاءِ ڪورٽ، ڳجهن ادارن تي حملي واري ڪيس ۾ فوجي عدالت جي جوابدار جي موت واري فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي.

مظهر عالم ۽ جسٽس محمد دائود تي ٻڌل پشاور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ فوجي عدالت جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته فوجي عدالت ڳجهن ادارن تي حملي واري ڪيس ۾ رضوان الله کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

عدالت فوجي عدالت جي فيصلي کي معطل ڪندي صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

واضح رهي ته فوجي عدالت جوابدار رصوان الله کي ڳجهن ادارن تي حملي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جنهن کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*