اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، بلوچستان جي ناڻي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو جي ٻه لک رپين جي مچلڪن عيوض 12 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منطور

islamabad-highi-court

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، بلوچستان جي ناڻي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو جي ٻه لک رپين جي مچلڪن عيوض 12 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منطور ڪري ورتي آهي، خالد لانگو چيو آهي ته ڪرپشن ناهي ڪئي، مشتاق رئيساڻي ڪوڙا الزام مڙهي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

جسٽس نور الحق قريشي جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ڪرپشن ڪيس ۾ بلوچستان جي ناڻي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگي جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

بلوچستان جو ناڻي بابت اڳوڻو صلاحڪار خالد لانگو عدالت ۾ پيش ٿي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست جمع ڪرائي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مٿس ڪرپشن جا الزام ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن، هو قومي احتساب بيورو سان سهڪار ڪندو، تنهنڪري سندس حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت خالد لانگو جي ٻه لک رپين جي مچلڪن عيوض 12 ڏينهن لاءِ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

واضح رهي ته ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي اهم انڪشافن کانپوءِ بلوچستان ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو گهيرو تنگ  ڪيو ويو آهي.

خالد لانگو ڪجهه عرصو اڳ اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيندي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو، جڏهن ته نيب پاران ساڻس رابطو ڪرڻ تي هو منظر عام تان غائب ٿي ويو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*