بلوچستان جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار نادار جي ٻن آفيسرن کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو

law-monoبلوچستان جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار نادار جي ٻن آفيسرن کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ اي ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ڪيل نادرا جي ٻن آفيسرن ڊپٽي ڊائريڪٽر اڪرام الله ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد يوسف کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

ايف آءِ اي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن ڳري رشوت عيوض پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا،جڏهن ته مٿن اختيارن اورانگهڻ جا الزام به آهن.

عدالت ٻنهي جوابدارن کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*