ڪنڌڪوٽ ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم مختيارڪار آفيس تي ڇاپو هڻي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار اشرف ڀٽو کي گرفتار ڪري ورتو

Kandh-kot-Inti-Corption-jo-

ڪنڌڪوٽ ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم مختيارڪار آفيس تي ڇاپو هڻي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار اشرف ڀٽو کي گرفتار ڪري ورتو، خانپور ٽائون ڪميٽي جي آفيس تي ڇاپَي دوران ٻن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو.

ڪنڌڪوٽ ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سرڪل آفيسر شوڪت رند جي اڳواڻيءَ ۾ مختيارڪار آفيس تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران اسسٽنٽ مختيارڪار اشرف ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو.

شهري رياض حسين سهرياڻي اينٽي ڪرپشن کي شڪايت ڪئي ته مختيارڪار علي نواز ڪولاچي ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار اشرف ڀٽو کاتن جي تبديلي لاءِ رشوت طلب ڪري رهيا آهن.

اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر شوڪت رند موجب اسسٽنٽ مختيارڪار اشرف ڀٽو کي 2 هزار رپيا رشوت وٺندي گرفتار ڪيو ويو آهي.

خانپور ٽائون ڪميٽي جي آفيس تي سرڪل آفيسر گهوٽڪي مختيار لاشاري جي اڳواڻيءَ ۾ ڇاپو هڻي سال 2012ع ۽ 2013ع جو رڪارڊ ضبط ڪيو ويو.

سرڪل آفيسر مختيار لاشاري موجب ٽائون ڪميٽي ۾ ڪرپشن جو ڪيس داخل ٿيل آهي، جنهن ۾ وڌيڪ جاچ لاءِ رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*