ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ 17ڪلاڪن کانپوءِ بجلي مڪمل طور بحال ٿي وئي

karachi-janah-15-9

ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ 17ڪلاڪن کانپوءِ بجلي مڪمل طور بحال ٿي وئي آهي، بجلي بحران سبب اڄ رٿيل سمورا آپريشن ملتوي ڪيا ويا آهن.

جناح اسپتال ۾ گذريل رات کان بجلي جي اکٻوٽ سبب مريضن کي تمام گهڻي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو ۽ اڄ رٿيل آپريشن ملتوي ڪيا ويا.

اسپتال انتظاميا جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بجلي جي اکٻوٽ بابت واضح جواب نه پئي ڏئي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه جو چوڻ هو ته جناح اسپتال اندر فالٽ سبب بجلي جي فراهمي ۾ مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي.

جناح اسپتال ۾ 17 ڪلاڪن کانپوءِ بجلي بحالي ٿي آهي ۽ مريضن سک جو ساهه کنيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*