لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ خوراڪ کاتي جي ٽن عملدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

law

لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ خوراڪ کاتي جي ٽن عملدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج جاويد اختر جي عدالت فوڊ انسپيڪٽر امتياز انڙ ۽ عبدالعزير  ڀٽوکي 4 سال قيد ۽  50  50 روپيا هزار رپيا ڏنڊ، سپروائيزر اسدالله ٻڌ کي ٻه ڀيرا 3 سال قيد ۽ 50 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جوابدارن پاران ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي کين 6 مهينا وڌيڪ سزا ڀوڳڻي پوندي.

خوراڪ کاتي جي سپروائيزر اسد الله ٻُڌ تي سرڪاري گدام مان بارداڻي جون 5409 ڀريل ٻوريون  ۽ 2771  خالي ٻوريون گم ڪرڻ جو الزام هو، فوڊ انسپيڪٽر امتياز انڙ تي 25 هزار 5 سو 63 ٻوريون گم ڪرڻ جو الزام هو، فوڊ انسپيڪٽر عبدالعزيز ڀٽو تي 666 ٻوريون گم ڪرڻ جو الزام هو.

عدالت ٽنهي جوابدارن کي سزا ٻڌائڻ بعد سينٽرل جيل موڪلي ڇڏيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*