وزيراعظم استعيفائن تي هريل آهي، پناما ليڪس معاملي تي هن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي:آغا سراج دراني

siraj-durani

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته وزيراعظم استعيفائن تي هريل آهي، پناما ليڪس معاملي تي هن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

شڪارپور ۾ ڊي سي آفيس ۾ ترقياتي ڪمن بابت گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي نا اهلي جي ڪري چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون چونڊون پوئتي پئجي رهيون آهن، جنهن سان عوام متاثر ٿي رهيو آهي.

آغا سراج دراني چيو ته پيپلز  پارٽي اندر صوبائي سطح کان وٺي هيٺين سطح تائين سڀ عهدا نون چهرن کي ملڻ کپن، ڇو ته نئون رت جذبي سان ڪم ڪندو آهي.

هن چيو ته پارٽي چيئرمين جي هدايتن تي ترقياتي ڪمن بابت گڏجاڻيون ڪري  رهيا آهيون، ترقياتي ڪمن جي تفصيلي رپورٽ پارٽي چيئرمين کي پيش ڪئي ويندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*