اليڪشن ڪميشن جو نئون ڪارنامو، ڀنڀور ڊويزن ختم ٿيڻ باوجود ڪوٽا تحت ڀرتيون ڪيون ويون

elecation-commiction22-8

اليڪشن ڪميشن جو نئون ڪارنامو سامهون آيو آهي، ڀنڀور ڊويزن ختم ٿيڻ باوجود ٻهراڙيءَ جي ڪوٽا کي نظرانداز ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد مان 16هين کان 3 گريڊ تائين جا ڪيترائي ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن.

سنڌ حڪومت ڀنڀور ڊويزن جي قيام جو نوٽيفڪيشن ٻن مهينن اندر واپس وٺي ڇڏڻ باوجود اليڪشن ڪميشن طرفان ڪوٽا تحت ڀرتيون ڪيون ويون.

ڀنڀور ڊويزن جي ڪوٽا ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان 16هين گريڊ کان 3 گريڊ تائين جا ڪيترائي ملازم ڀرتي ڪيا ويا.

اليڪشن ڪميشن ٻهراڙي جي ڪوٽا کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪندي سمورا ملازم ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڊوميسائيل تي ڀرتي ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*