وزير اعظم جي ڪٽنب سميت ڪير به احتساب کان مٿانهون ناهي: اسحاق ڊار

ashaq-darناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته وزير اعظم جي ڪٽنب سميت ڪير به احتساب کان مٿانهون ناهي، اپوزيشن ڌڙن ۾ تبديل ٿيندي ويندي ۽ ڌرڻن وارا اڪيلا رهجي ويندا، پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ لاءِ اپوزيشن سان مشاورت ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته حڪومت پاناماليڪس معاملي جي  شفاف جاچ چاهي ٿي، اپوزيشن جي مشاورت سان پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ تي غور جاري آهي.

هن چيو ته پاناماليڪس ڪنهن هڪ شخص جو معاملو نه آهي، سوين ماڻهن خلاف جاچ ٿيڻي آهي، نواز سرڪار معاملو حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اپوزيشن جي مشاورت سان ٽي او آرز ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اسحاق ڊار چيو ته حڪومت پٺتي پيل معيشت جي سڌاري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، تنقيد جو نشانو بڻائيندڙ پنهنجي ماضي تي نظر ڊوڙائيندا ته کين سموري صورتحال سمجهه م اچي ويندي ۽ هو ناڪاري سياست به ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويندا.

هن چيو ته پاناماليڪس تي وزير اعظم نواز شريف پاڻ کي ڪٽنب سميت احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي،  جڏهن ته نواز شريف سميت ڪير به احتساب کان مٿانهون نه آهي، پاناماليڪس جو حل ڪهڙو به نڪري پر ملڪ کي نقصان نه پهچڻ گهرجي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*