ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي متحده سربراهه سميت 16 اڳواڻن جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جاچ آفيسر پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي 16 کان وڌيڪ اڳواڻن جي گرفتاري رپورٽ عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي.

عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم سربراهه سميت ٻين اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*