ڏهرڪي ويجهو پوليس مبينا مقابلي بعد بدنام ڏوهاري جلال الدين لنڊ سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

dhakri

ڏهرڪي ويجهو پوليس مبينا مقابلي بعد بدنام ڏوهاري جلال الدين لنڊ سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، اي ايس پي گهوٽڪي موجب گرفتار ڏوهاري، قتل، اغوا ۽ ڦرن جي جي وارداتن ۾ ملوث آهن.

پوليس موجب ڳوٺ جلال الدين لنڊ تي چڙهائي ڪرڻ دوران مقابلي بعد 5 لک انعا يافته ڌاڙيل جلال الدين لنڊ ۽ سندس ڀائٽي رجب لنڊ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اي ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش جو چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهاري جلال الدين لنڊ قتل، اغوا ۽ فرن جي 20 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل آهي، ۽ شر، لنڊ تڪرار جو مک ڪردار آهي.

اي ايس پي مسعود بنگش جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن وٽان هڪ ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، جن کان ڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*