سنڌ هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کي شڪارپور، بدين ۽ ملير ۾ مڪاني چونڊن جي مخصوص سيٽن جي ورڇ ۽ پارٽي پوزيشن جو اعلان ڪرڻ کان 26 مئي تائين روڪي ورتو

Sindh High Cooort

سنڌ هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کي شڪارپور، بدين ۽ ملير ۾ مڪاني چونڊن جي مخصوص سيٽن جي ورڇ ۽ پارٽي پوزيشن جو اعلان ڪرڻ کان 26 مئي تائين روڪي ورتو، شهريار مهر چيو آهي ته سنڌ ۾ 600 کان وڌيڪ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، موجوده حڪومت آئين جي آرٽيڪل 18 اي تحت پابندي لڳائي زيادتي ڪئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ مڪاني ادارن جي مخصوص سيٽن جي ورڇ  ۽ پارٽي پوزيشن جي حوالي سان فنڪشنل ليگ اڳواڻ شهريار مهر سميت ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

شڪارپور واسي نادر شاهه ۽ ٻين آزاد اميدورن پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته موقف اختيار ڪيو ته هــو سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا پر کين اجازت نه پئي ملي.

بدين ۽ ملير سان تعلق رکندڙ اميدوارن پنهنجي درخواست ۾ چيو ته آزاد اميدوارن گڏجي اتحاد جوڙيو آهي، جنهن کي سياسي پارٽي طور تصور ڪيو وڃي.

عدالت اهڙين درخواستن تي اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽن جي ورڇ ۽ پارٽي پوزيشن جو اعلان نه ڪرڻ کان 26 مئي تائين روڪي ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*