جيڪب آباد پاڻي جي کوٽ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف آل پارٽيز ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

jecobabad-protest

جيڪب آباد پاڻي جي کوٽ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف آل پارٽيز ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

آل پارٽيز  جي سڏ تي شهر ۾ مٺي پاڻي جي کوٽ خلاف ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيوويو.

جيڪب آباد ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊيشڊنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري رهواسي عزاب ڀوڳي رهيا آهن.

هنن چيو ته بجلي جي بندش سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن ڪري شهري تڪليف ۾ مبتلا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اڻ اعلانيل لوڊيشڊنگ جو سلسلو  بند ڪري شهر کي مٺو پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*