پاناماليڪس ۾ نالو نه هئڻ باوجود وزير اعظم نواز شريف ڪٽنب سميت پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو: شهباز شريف

shahbaz

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پاناماليڪس ۾  نالو نه هئڻ باوجود وزير اعظم نواز شريف ڪٽنب سميت پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ٽي او آرز ۾ قرض معاف ڪرائڻ جو وارو نقطو شامل نه ڪيو.

پنجاب اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو 71واري جنگ لاءِ سامان ۾ اتفاق فائونڊريز جو لوهه استعمال ڪيو ويو هو، سندس دعويٰ غلط ثابت ٿئي ته هو جوابدار آهي.

هن چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنواني ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون آهن، قوم ڌرڻن واري سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

شهباز شيريف وڌيڪ چيو ته حڪومت پاناماليڪس معاميل جي جاچ لاءِ تيار آهي، پر اپوزيشن جا ٽي او آرز ڪرپشن نه پر هڪ فرد جي خلاف آهن، جن کي ڪنهن به ريت قبول نه ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*