سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي عدالتن ۾ سنگين نوعيت جا ڪيس رولڙي جو شڪار هئڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

sindh-assembly11-12-15

سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي عدالتن ۾ سنگين نوعيت جا ڪيس رولڙي جو شڪار هئڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، ڪميٽي چيئرمين اويس قادر شاهه چيو آهي ته 30 ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻ باوجود پروسڪيوٽرز عدالتن ۾ ڪيس ڇو نٿا هلائين.

سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو.

اجلاس دوران اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ اندر سنگين نوعيت جا ڪيسز دير جو شڪار ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پراسڪيوٽرز 30 ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻ باوجود عدالتن ۾ ڪيسز ڇونه پيا هلائين.

گهرو معاملن بابت اسپيشل سيڪريٽري رياض سومرو ڪميٽي کي ٻڌايو ته پروسڪيوٽرز نه هئڻ سبب عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسز ۾ دير ٿي رهي آهي.

گهرو معاملن واري ايڊيشل سيڪريٽري نياز حسين سومرو پوليس جي نئين مالي سال ۾ اسڪيمن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته فارنزڪ ليب قائم ڪرڻ جي اسڪيم رکي وئي آهي.

هن چيو ته ميرپورخاص ۾ نئين جيل جي اسڪيم کي ريوائيز ڪيو آهي ۽ ڪشمور ۾ به نئين جيل قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته وڌيڪ دهشتگردي ٽوڙ عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ وڏي وزر سمري منظور ڪري ورتي آهي.

ڪميٽي چيئرمين پڇيو ته عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران چوڪنڊي قبرستان ڀرسان ملير ضلعي جي پوليس هيڊ ڪوارٽر جي تعمير واري اسڪيم بجيٽ ۾ شامل ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ رڪارڊ تان غائب ٿي وئي، اها اسڪيم ڪيڏانهن وئي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا اجلاس ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته پوليس جي بجيٽ جو 84 سيڪڙو پگهارن تي خرچ ٿي وڃي ٿو، 4 سيڪڙو پيٽرول، 3 سيڪڙو هٿيارن ۽ 4 سيڪڙو يوٽليٽي بلز جي ادائگي تي خرچ ڪئي ويندي آهي.

هن چيو ته سرويلنس ڪئميرائن ۽ آءِ ٽي ڊيپارٽمينٽ جا پراجيڪٽ رقم نه ملڻ ڪري درست نموني ڪم نه ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري سرويلنس ڪئميرائن جي سار سنڀال لاءِ ڪمپنيز سان معاهدي لاءِ وڌيڪ بجيٽ ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*