خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ ڪري 25 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا

kn-shah-fire

خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ ڪري 25 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا، گهر ۾ پيل سمورو الهه تلهه سڙي وڃڻ ڪري متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

ڳوٺ ابراهيم چنا ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي وئي، جنهن سبب 25 کان وڌيڪ گھر ۽ الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

ڳوٺاڻن خالد چنو، فقير فهيم چنو، جاڙل چنو ۽ ٻين جا گهرن ۾ پيل سونا زيور، ڪپڙا ۽ پئسن سميت سمورو الهه تلهه سڙي رک ٿيڻ ڪري متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

اطلاع ملڻ تي فائر برگيد جي عملي پهچي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آڻي ورتو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*