سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه نوابشاهه پهچي پيپلز پارٽي ضلع شهيد بينظير آباد جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري امداد ڌامراهه جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي

qaim-ali-shah

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه نوابشاهه پهچي پيپلز پارٽي ضلع شهيد بينظير آباد جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري امداد ڌامراهه جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي.

نوابشاهه ايئرپورٽ تي پي پي ايم پي اي سليم رضا جلباڻي، سپاف سنڌ جي صدر سهراب مري، ڊي سي شهيد بينظير آباد گهنور  علي لغاري، ايس ايس پي تنوير تنيو ۽ ٻين آجيان ڪئي.

وڏي وزير حادثي ۾ فوت ٿي ويل پي پي اڳواڻ امداد ڌامراهه جي وارثن مان سندس پٽ اعجاز ڌامراهه، بابر، ڀاءُ ممتاز ۽ ڀائيٽي سينيٽر عاجز ڌامراهه سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي وڏي وزير سان صوبائي وزير سيد ناصر علي شاهه، پي پي ايم پي اي عزيز جوڻيجو، محمد اسماعيل ڏاهري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*