اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٻين رهيل سيٽن تي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

Election--11-11

 اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٻين رهيل سيٽن تي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 8 جولاءِ تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊول موجب سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، ميونسپل ڪارپوريشن، ٽائون ڪميٽيز، ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن تي چونڊ 8 جولاءِ تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪراچي ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ به 8 جون تي ڪرائي ويندي، جنهن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 23 کان 24 مئي تائين جمع ڪرائي سگهبا، جن جي ڇنڊڇاڻ 25 کان 26 مئي تائين ٿي سگهندي.

شيڊول موجب ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف 28 مئي تائين اپيل داخل ڪرائي سگهبي، جن تي 30 مئي تائين فيصلا ٻڌائي سگهبا.

اليڪشن ڪميشن موجب اميدوار 31 مئي تائين هٿ کڻي سگهندا، جڏهن ته اميدوارن جي حتمي فهرست پهرين جون تي جاري ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، پولنگ 8 جون تي ٿيندي ۽ نتيجا 9 جون تي جاري ڪيا ويندا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*