ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار سان آءِ جي سنڌ ۽ ٻين سينئر پوليس آفيسر ملاقات

AD-khuwaja,lieutenant-gener

ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار سان آءِ جي سنڌ ۽ ٻين سينئر پوليس آفيسر ملاقات ڪئي آهي، ڪور ڪمانڊر چيو آهي ته پاڪ فوج ڪراچي ۾ امن امان کي بحال ڪرڻ لاءِ پوليس سان مڪمل سهڪار ڪندي رهندي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ۽ سڌ پوليس جي ٻين سينيئر آفيسر ڪور هيڊڪوارٽرڪراچي ۾ ڪور ڪمانڊر فائيو ڪور ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران سنڌ سميت ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي سنڌ خاص طور ڪراچي ۾ امن امان جي قيام لاءِ پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

ڪور ڪمانڊر چيو ته ڪراچي ۾ امن امان کي بحال ڪرڻ ۾ سنڌ پوليس جو اهم ڪردار آهي، پاڪ فوج سنڌ خاص طور ڪراچي ۾ امن جي قيام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس جي هر سطح تي معاونت ڪندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*