پاڪستان پيپلز پارٽي، وزير اعظم ۽ سندس ڪٽنب جي اثاثن جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏئي ڇڏي

panama-pepars-links

پاڪستان پيپلز پارٽي، وزير اعظم ۽ سندس ڪٽنب جي اثاثن جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين نير بخاري ۽ پ پ اڳواڻ لطيف کوسا اليڪشن ڪميشن وٽ درخواست جمع ڪرائيندي نوازشريف، شهباز شريف، حمزه شهباز، اسحاق ڊار ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.

درخواست ۾ اڳواڻن موقف اختيار ڪيو آهي ته وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب اثاثن جا تفصيل لڪائي عوام ۽ ادارن سان ڪوڙ ڳالهايو.

پ پ اڳواڻن درخواست ۾ چيو آهي ته پاناماليڪس اسڪينڊل کانپوءِ شريف ڪٽنب جو ڪوڙ منظر عام تي اچي ويو، جڏهن ته وزير اعظم ۽ سندس ڪٽنب جي وضاحتي بيانن ۾ به تضاد آهي.

درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وزير اعظم ۽ سندس ڪٽنب خلاف فوجداري، اينٽي مني لانڊرنگ ۽ ڪسٽم ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*