پ پ جو هر ڪارڪن بلاول ڀٽو زرداري آهي مهدي شاهه

گلگت بلتستان جي وڏي وزير مهدي شاهه چيو آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، باقي رنجشون پنهنجن سان ئي ٿينديون آهن.

ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مهدي شاهه چيو ته پارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو زرداري کي ئي سنڀالڻي آهي ۽ جڏهن اهو واپس ايندو ته هو ساڻس گڏ هوندا.

مهدي شاهه چيو ته پ پ جو هر ڪارڪن بلاول ڀٽو زرداري  آهي ۽  هو شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هرسال ڳڙهي خدابخش ايندا آهن.

گلگت بلتستان جي وڏي وزير چيو آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، باقي رنجشون پنهنجن سان ئي ٿينديون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*