جيڪب آباد جي عدالت چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

jecobabad-penished

جيڪب آباد جي عدالت چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽  هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج رشيد احمد سومرو جي عدالت 50 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪوئيٽا واسي جوابدار عطاءُ الله ۽ شڪيل پٺاڻ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

عدالت ٻنهي جوابدارن کي هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي رقم به ادا ڪرڻ جي سزا ٻڌائي، جيڪا رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ سندن سزا ۾ واڌ ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ٻنهي جوابدارن کي 19 جنوري 2015ع تي ڪوئيٽا کان جيڪب آباد ايندي گرفتار  ڪري وٽان چرس هٿ ڪيو ويو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*