سنڌ ۾ گرمي جي لهر،پيرڳوٺ ڀرسان گرمي جي سٽ نه سهندي هڪ پيرسن فوت،14 شاگرد گرمي سبب بيهوش ٿي ويا

hot-weather-child

 سنڌ ۾ گرمي جي لهر برقرار آهي، پيرڳوٺ ڀرسان گرمي جي سٽ نه سهندي هڪ پيرسن فوت ٿي ويو ۽ مختلف شهرن ۾ 14 شاگرد گرمي سبب بيهوش ٿي ويا، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گرمي جي لهر ايندڙ هڪ هفتي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب سکر، دادو، شهدادڪوٽ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ 48  سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

جيڪب آباد ، نوابشاهه ، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ۾ 47  سينٽي گريڊ، سانگهڙ ۾ 46 ۽ حيدرآباد ۾ 44  سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.

سخت گرمي سبب پيرڳوٺ ويجهو ڳوٺ وينگس ۾ گرمي جي سٽ نه سهندي هڪ پيرسن فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

شديد گرمي سبب ٺارو شاهه جي بوائز هاءِ اسڪول ۾3 شاگرد شبير ڪلهوڙو، نويد راجپوت ۽ اقرار کوکر بيهوش ٿي ويا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.

ڏهرڪي جي مختلف اسڪولن ۾تدريسي عمل دوران سخت گرمي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب 9 شاگرد بيهوش ٿي ويا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نـئون ديرو جي هاءِ اسڪول ۾ بجلي نه هئڻ ڪري گرمي جي سٽ نه سهندي 2 شاگرد بيهوش ٿي ويا، جن کي پڻ اسپتال پهچائي طبي امداد ڏني وئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*