قومي اسيمبلي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي مقرري واري طريقيڪار ۾ تبديلي لاءِ 22 آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

national-assembly-and-elect

قومي اسيمبلي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي مقرري واري طريقيڪار ۾ تبديلي لاءِ 22 آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هاڻ رٽائرڊ ججز سان گڏ بيوروڪريٽ ۽ ٽيڪنوڪريٽس به چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز ٿي سگهندا.

قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد اليڪشن ڪميشن جي موجوده طريقيڪار ۾ نئين سر جوڙجڪ بابت 22 آئيني ترميم پيش ڪئي.

ايوان ۾ 22 آئيني ترميمي بل تي ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن جي حمايت ۾ 236 ميمبرن ووٽ ڏنو، جڏهن ته ڪنهن به ميمبر مخالف نه ڪئي.

قومي اسيمبلي سمورن ميمبرز جي حمايت سبب چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرز جي مقرري واري طريقيڪار لاءِ 22 آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ترميم موجب، هاڻ رٽائرڊ ججز سان گڏ 22هين گريڊ جا آفيسرز ۽ بيورو ڪريٽس به چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز مقرر ٿي سگهندا.

قانون واري وزير زاهد حامد موجب، ترميم جي منظوري کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جا اڌ ميمبر اڍائي سالن کانپوءِ رٽائر ٿي ويندا، جڏهن ته باقي 5 سالن تائين فرض انجام ڏيندا رهندا.

زاهد حامد چيو آهي ته 22هين آئيني ترميم اليڪشن ڪميشن ميمبرز جي مقرري بابت آهي، ترميم جي منظوري تي سٺو سنوڻ آهي، جنهن جي هو واکاڻ ڪري ٿو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*