ڪراچي ۾ 60 ايڪڙ سرڪاري ايراضي تي ڪي پي ٽي، ايل ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ٻين ادارن جو قبضو آهي:سنڌ روينيو بورڊ

karachi openسنڌ جي بورڊ آف روينيو وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ 60 ايڪڙ سرڪاري  ايراضي تي ڪي پي ٽي، ايل ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ٻين ادارن جو قبضو آهي، وڏي وزير  بورڊ آف روينيو کي رڪارڊ ڪمپيو ٽرائزڊ ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي گائيڊ لائين تي مڪمل عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ روينيو جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ بابت اجلاس  ٿيو، جنهن دوران بورڊ آف روينيو جي ميمبر ذوالفقار شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي جي 60 ايڪڙ ايراضي تي مختلف ادارن جو قبضو آهي.

بورڊ آف روينيو جي ميمبر ذوالفقار شاهه ٻڌايو ته 60 هزار سرڪاري زمين تي ڪي پي ٽي، ايل ڊي اي، ايم ڊي اي  ۽ ٻين ادارن جو قبضو آهي، جڏهن ته 6 هزار ايڪڙ ايراضي تي خانگي ادارن جو  قبضو آهي.

روينيو عملدارن وڏي وزير کي ٻڌايو ته صوبي جي 6 هزار ديهن مان 4 هزار ديهن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ٿي چڪو آهي ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ 870 ديهن جو رڪارڊ ساڙيو ويو، جنهن مان 720 ديهن جو رڪارڊ حاصل ڪري ان کي ڪمپيوٽرائزد ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير  بورڊ آف روينيو جي عملدارن کي  رڪارڊ ڪمپيو ٽرائزڊ ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي گائيڊ لائين تي مڪمل عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*