جيڪب آباد ۽ گمبٽ ڀرسان باهه لڳڻ ڪري 15 کان وڌيڪ ڪکاوان گهر سڙي ويا

fire

جيڪب آباد ۽ گمبٽ ڀرسان باهه لڳڻ ڪري 15 کان وڌيڪ ڪکاوان گهر سڙي ويا، فائر برگيڊ عملو دير سان پهچڻ ڪري گهرن ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي ويو رک ٿي ويو.

جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ ڪبير بروهي ۾ چلهه جي چڙنگ مان  لڳندڙ باهه 8 گهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

باهه لڳڻ ڪري گهرن ۾ پيل سونا زيور  ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، جنهن بعد  فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو.

گمبٽ ڀرسان ڳوٺ امام بخش سهتو باهه لڳڻ ڪري 10 گهر سڙي ويا، ان دوران فائر برگيڊ عمل نه پهچڻ ڪري گهرن ۾ نياڻين جي ڏاج سميت ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*