خيرپور پوليس قتل، اغوا، ڦرن ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري فياض ڪانڌڙو سميت ستن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

khirpur-SSp

خيرپور پوليس قتل، اغوا، ڦرن ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري فياض ڪانڌڙو سميت ستن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي خيرپور پير محمد شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪوٽڏجي ڀرسان مقابلي  بعد بدنام ڏوهاري فياض ڪانڌڙو سميت ستن ڄڻن  کي  گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي پير محمد شاهه جو چوڻ هو ته گرفتار ڏوهارين 6 ڏينهن اڳ ڪوٽڏجي ڀرسان اهلڪار هادي بخش ڀنڀرو کي گوليون هڻي زخمي ڪيو هو.

ايس ايس پي چيو  جوابدارن هڪ واٽهڙو کي قتل ڪرڻ بعد هڪ  کي زخمي به ڪيو هو جڏهن ته جوابدار قتل، اغوا ۽ ڦرن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*