سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دارني صحافي جي ساٿي پاران ايوان ۾ هٿيار کڻي اچڻ واري معاملي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي اسيمبلي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ 8 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو

siraj-durani

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دارني صحافي جي ساٿي پاران ايوان ۾ هٿيار کڻي اچڻ واري معاملي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي اسيمبلي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ 8 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

 آغا سراج دراني  سنڌ اسيمبلي جي گذريل اجلاس دوران هڪ نجي ٽي وي چينل جي صحافي جي ساٿي پاران ايوان ۾ هٿيار کڻي اچڻ واري معاملي تي اسيمبلي جي ڊپٽي سيڪريٽري حسن شاهه ۽ 8 سيڪيورٽي اهلڪارن کي معطل ڪيو آهي.

آغا سراج دراني چيو آهي ته ڪنهن کي به جيمز بانڊ بنجڻ نه ڏبو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ذميوار عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

اسيمبلي ۾ هٿيار کڻي اچڻ تي صحافي ۽ سندس ساٿي کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*