گڏيل اپوزيشن، ٽي او آرز جي تياري لاءِ پارلياماني ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم کي شامل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

MQM-12-8-15

گڏيل اپوزيشن، ٽي او آرز جي تياري لاءِ پارلياماني ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم کي شامل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پهرين واضح ڪري ته هو حڪومت سان گڏ آهي يا اپوزيشن جو ساٿ ڏيندي.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ گڏيل اپوزيشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جي قيام بابت ٽي او آرز جي تياري لاءِ پارلياماني ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم کي شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت مشاورت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم پهرين پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ته هو حڪومت سان گڏ آهي يا وري اپوزيشن جي صف ۾ شامل ٿيندي.

گڏيل اپوزيشن جماعتن ايم ڪيو ايم جو موقف واضح نه هئڻ جي ڪري متحده قومي موومينٽ جي ميمبرز کي پارلياماني ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اپوزيشن سان گڏ آهي ته سڀاڻي واري اجلاس ۾ مخالف ڌر جي موقف جي حمايت ڪري……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*