پاڪستان افغانستان ۾ ڪوبه يوٽرن نه ورتو آهي، افغانستان ۾ امن جو قيام عالمي برادري جي ذميواري آهي:جنرل ناصر جنجوعه

comandar-Nasir-junjah16-9

وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ريٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعه چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪوبه يوٽرن نه ورتو آهي، افغانستان ۾ امن جو قيام عالمي برادري جي ذميواري آهي، پاڪستان امن لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهي.

اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ناصر جنجوعه چيو ته افغانستان ۾ سياسي استحڪام هئڻ وڏو سوال آهي، پاڪستان امن لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهي.

هن چيو ته افغانستان ۾ امن جو قيام عالمي برادري جي ذميواري آهي، اڄوڪي ڪانفرنس مان افغانستان بابت مجموعي شعور جو اندازو ٿي ويو.

افغانستان ۾ پاڪستان جي يوٽرن وٺڻ وارن الزامن جي ترديد ڪندي ناصر جنجوعه چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، افغانستان ۾ پاڪستان ڪوبه يوٽرن نه ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*