سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، حيسڪو چيف کي ايڪسٽينشن ڏني وئي عدالت جو در کڙڪايو ويندو: اياز شاهه شيرازي

ayaz-shah-ashirazi

ايم اين اي اياز شاهه شيرازي چيو آهي ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، حيسڪو چيف کي ايڪسٽينشن ڏني وئي عدالت جو در کڙڪايو ويندو.

مڪلي ۾ پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم اين اي اياز شاهه شيرازي چيو ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پاسپورٽ آفيسون قائم ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته مڪلي ۾ پاسپورٽ آفيس جي قيام سان ٺٽي ۽ سجاول جي عوام کي فائدو ٿيندو، رهواسين کي پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ ڏوراهن شهرن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.

اياز شاهه شيرازي چيو ته حيسڪو انتظاميه سنڌ ۾ بجلي جي بحران جي ذميوار آهي، حيسڪو چيف سنڌ دشمن ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

 هن چيو ته حيسڪو چيف خلاف سنڌ سان واسطو رکندڙ پنجن ايم اين ايز گڏجي قومي اسيمبليءَ ۾ اعتراض  واري رٿ جمع ڪرائي آهي.

اياز شاهه شيرازي چيو ته  حيسڪو چيف ايڪسٽينشن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙي ڪارڪردگي ڏيکاري سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرائي عوام لاءِ عذاب ٻاري ڇڏيو آهي.

اياز شاهه شيرازي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حيسڪو چيف کي ايڪسٽينشن ڏني وئي ته سپريم ڪورٽ جو در کڙڪايو ويندو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*