سکر مان کنڀي گم ڪيل اهلسنت والجماعت جي اڳواڻ قاري عطاءُ الرحمان جي بازيابي لاءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

sukkur-sunni-protest

سکر مان کنڀي گم ڪيل اهلسنت والجماعت جي اڳواڻ قاري عطاءُ الرحمان جي بازيابي لاءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

اهلسنت والجماعت جي ڪارڪنن محمد رمضان نعماني ۽ اهمد شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته قاري عطاءُ الرحمان کي ڪجهه ڏينهن اڳ مائڪرو ڪالوني مان گنڀي گم ڪيو ويو آهي، پر پوليس اڃا تائين سندس ڪوبه ڏس پتو نه لڳائي سگهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته قاري عطاءُ الرحمان کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*