جوهي ۾ ڪاڇي جي رهواسين پاران نئين انگئي تي ٺهندڙ ڊيم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

johi-gaj-deam-

جوهي ۾ ڪاڇي جي رهواسين پاران نئين انگئي تي ٺهندڙ ڊيم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪاڇي جي يوسي ٽنڊو رحيم خان ۽ يوسي ڇِني جي رهواسي ڳوٺاڻن جوهي پهچي عمر شاهاڻي، اصغر بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تيل ڪمپني جي سهڪار سان نئين انگئي ۾ ڊيم تعمير ڪرايو پيو وڃي، جنهن سان ڪاڇي جي 500 ڳوٺن جا رهواسي پاڻي جي فراهمي کان محروم رهجي ويندا.

هنن جو چوڻ هو ته سوين ڳوٺن جا رهواسي برسات بعد نئين انگئي وهي اچڻ بعد آبادي ڪرڻ سميت پيئڻ جو پاڻي واپرائيندا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نئين انگئي تي ڊيم جو ڪم بند ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*