سانگهڙ ۾ لاهور بم ڌڪامي ۾ شهيد ٿيل فيض محمد چانهيو جي گهرواري سرڪار پاران سار نه لهڻ خلاف احتجاج ڪندي سهائتا ڪرڻ جي اپيل

sanghar-map

سانگهڙ ۾ لاهور بم ڌڪامي ۾ شهيد ٿيل فيض محمد چانهيو جي گهرواري سرڪار پاران سار نه لهڻ خلاف احتجاج ڪندي سهائتا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

پريس ڪلب ۾ لاهور بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل فيض محمد چانهيو جي گهرواري نجما پنهنجي پيءُ ۽ نياڻي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت پاران ڏنل 3 لکن جو چيڪ ڪيش نه ٿيو  آهي، هن جو چوڻ هو ته بم ڌماڪي ۾ سندس مڙس ۽ ٽي ٻار شهيد ٿي ويا.

بيواهه عورت نجما وڌيڪ چيو ته هنن جي لاهور ۾ ترسڻ دوران سندن سانگهڙ واري گهر مان ٿيل چوري جي واردات ۾ سندن سمورا دستاويز  ۽ سڃاڻپ ڪارڊ گم ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري کين مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.

هن اعليٰ اختيارين کي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته هنن جي مالي سهائتا ڪري مشڪلاتن کان آجو ڪرايو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*