پئمرا رمضان المبارڪ مهيني ۾ آپگهات، زيادتي ۽ زنا جي واقعن کي ڊراماٽيز ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

Absar Alam

پئمرا رمضان المبارڪ مهيني ۾ آپگهات، زيادتي ۽ زنا جي واقعن کي ڊراماٽيز ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، پئمرا چئيرمين ابصار عالم چيو آهي ته ٽي وي چئنلز ريٽنگ وڌائڻ بدارن رمضان  المبارڪ جي تقدس جو خيال رکن، انويسٽيگٽو رپورٽنگ تي پابندي نه هوندي، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ چئنلز کي هڪ مهيني لاءِ بند ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پئمرا چيئرمين ابصار عالم رمضان المبارڪ مهيني لاءِ ٽي وي چئنلز کي ضابطن جي پاسداري جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

هن چيو ته رمضان المبارڪ ۾ آپگهات، زيادتي ۽ زنا جي واقعن کي ڊامائي انداز ۾ ڏيکارڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ٽي وي چئنلز ريٽنگ وڌائڻ بدارن رمضان  المبارڪ جي تقدس جو خيال رکن، انويسٽيگٽو رپورٽنگ تي پابندي نه هوندي، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ چئنلز کي هڪ مهيني لاءِ بند ڪيو ويندو.

ابصار عالم چيو ته کيس اميد آهي ته ٽي وي چئنلز ريٽنگ وڌائڻ بدران رمضان المبارڪ ۾ چادر ۽ چوديواري جو تقدس يقيني بڻايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*