وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي سربراهه حاجي مظفر شجراع جي ميرپورخاص سول اسپتال تي ڇاپي دوران مريضن پاران دوائون نه ملڻ جي شڪايتن تي انتظاميا کي ڇنڊ

Mirpur-Khas-map

وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي سربراهه حاجي مظفر شجراع جي ميرپورخاص سول اسپتال تي ڇاپي دوران مريضن پاران دوائون نه ملڻ جي شڪايتن تي انتظاميا کي ڇنڊ پٽيندي طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير قائم علي شاهه جي انسپيڪشن ٽيم جي سربراهه حاجي مظفر شجراع سول اسپتال تي اوچتو ڇاپو هنيو، جنهن دوران مريضن دوائون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون.

حاجي مظفر شجراع مريضن کي سرڪاري دوائون ڏيڻ بدران اسٽورن تان خريد ڪرائڻ ۽ اسپتال ۾ صفائي سٿرائي نه هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

انتظاميا اسپتال جي دل واري وارڊ سميت ٻين شعبن ۾ مشينري خراب هئڻ جون شڪايتون ڪيون، جنهن تي حاجي مظفر شجراع خاطري ڪرائي ته اسپتال جا سمورا مسئلا حل ڪرايا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*