نواز ليگ جي آزاد ڪشمير ۾ ٽڪيٽ هولڊر چوڌري اظهر پارٽي ڇڏي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي

PTI NNN

نواز ليگ جي آزاد ڪشمير ۾ ٽڪيٽ هولڊر چوڌري اظهر پارٽي ڇڏي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، چوڌري اظهر چيو آهي ته پاناماليڪس کانپوءِ ڪو به باضمير ماڻهو نواز ليگ ۾ رهڻ پسند نه ڪندو.

آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ نواز جي ٽڪيٽ هولڊر چوڌري اظهر به ساٿين سميت تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.

چوڌري اظهر چيو ته نواز ليگ ڇڏڻ جو ڪارڻ پاناماليڪس اسڪينڊل ۾ وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جي ڪرپشن آهي.

هن چيو ته اهڙي اسڪينڊل کانپوءِ ڪوبه باضمير ماڻهو نواز ليگ ۾ رهڻ پسند نه ڪندو، پاناماليڪس اسڪينڊل جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي، عمران خان کي قوم جو مڪمل اعتماد حاصل آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*