گهوٽڪي ۾ نادرا عملي سراوڻ نالي شخص جي شناختي ڪارڊ ۾ جنس عورت لکي ڇڏيو

ghotki-card-

گهوٽڪي ۾ نادرا عملي سراوڻ نالي شخص جي شناختي ڪارڊ ۾ جنس عورت لکي  ڇڏيو ۽ سندس ولديت واري خاني ۾ سندس گهرواري لوڻي ٻائي جو نالو لکيو ويو، جڏهن ته  سرواڻ جي پٽ نوجوان دودو جي شناختي ڪارڊ ۾ ڄم جي تاريخ پيءُ جي لڳائي وئي آهي.

گهوٽڪي جي نادرا عملي نئون ڪارنامو ڪندي ڳوٺ ڳوٺ کڏ واري جي رهواسي سراوڻ نالي شخص جي شناختي ڪارڊ ۾ جنس مرد لکي ڇڏيو آهي.

نادرا عملي ساڳئي ئي شناختي ڪارڊ ۾ سرواڻ جي ولديت واري خاني ۾ پيءُ بدران  گهرواري  لوڻي ٻائي جو نالو لکي ڇڏيو آهي.

سرواڻ جي پٽ  نوجوان دودو جي شناختي ڪارڊ ۾ سندس ڄم  جو سال 1979ع بدران سندس پيءُ جي ڄم جو سال 1958ع لکي ڇڏيو.

نادرا عملي جي لاپرواهي خلاف متاثر شخص سرواڻ احتجاجي مظاهرو ڪندي شناختي ڪارڊ درست ڪرائي عملي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*