جوهي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ مبينه ڪرپشن خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

johi-protest

جوهي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ مبينه ڪرپشن خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

جوهي ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي يونس سولنگي، شوڪت باهوٽو ۽ نوجوان اتحاد پاران جاويد کوسو، آصف سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو جوهي دادو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن سالن کان جوهي شهر جا رهواسي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن ۽ پيسن عيوض پاڻي ڀرائڻ تي مجبور آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته سخت گرمي باوجود سيپڪو پاران 18 کان 20 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن جو چوڻ هو ته شهر اندر ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن ڪري اسڪيمن جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي، هنن چتاءُ ڏنو ته شهرين جا مسئلا حل نه ٿيا ته احتجاجي تحريڪ جاري رهندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*