انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ پاڪستان آرمي جي فزيڪل ٽرينرز جي نگراني هيٺ ڪاڪو ل ۾ جاري

pak-team-training

انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ پاڪستان آرمي جي فزيڪل ٽرينرز جي نگراني هيٺ  ڪاڪو ل ۾ جاري آهي.

پاڪستان آرمي جا ٽرينرز پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽرينر گرانٽ لوڊن سان گڏ ڪرڪيٽرز کي مختلف قسم جون ورزشون ۽ ڊرلز ڪرائي رهيا آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته هن ڪيمپ جو بنيادي مقصد رانديگرن جي فٽنس ۽اسٽيمنا کي بهتر بنائڻ آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪيمپ لاءِ 35ر انديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو هو، پر محمد حفيظ،  ذوالفقار بابر، عماد وسيم۽حارث سهيل فٽ نه هجن سبب ڪيمپ شامل نه ٿي سگهيا،جڏهن ته ياسر شاهه گوڏي جي انجري سبب ڪيمپ مان ٻاهر ٿي ويو.

وهاب رياض ڪائونٽي کيڏڻ لاءِ انگلينڊ روانو ٿي ويو آهي،جنهن بعد رانديگرن جي تعداد 29 ٿي وئي آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان پهچي ٽيم کي جوائن ڪندو.

ڪاڪول ۾ جاري ڪيمپ بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هڪ ٻي ڪيمپ لاهور ۾منعقد ڪئي ويندي،جنهن بعد ٽيم انگلينڊ رواني ٿيندي.

واضح رهي ته انگلينڊ خلاف سيريز کان پهرين قومي ٽِيم همشائر ۾ به ٽريننگ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*