ڪنهن به هڪ شخص کي شڪست جو زميوار قرار ڏئي نٿو سگهجي: شاهد آفريدي

shahid afridi

قومي ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽآر آلرائونڊر شاهد آفريدي ٽي-ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست بعد سينيئر رانديگرن پاران تنقيد ڪرڻ بابت چيو آهي ته ڪنهن به هڪ شخص کي شڪست جو زميوار قرار ڏئي نٿو سگهجي.

ايشيا ڪپ ۽ ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ شڪست بعد ڪپتاني تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

شاهد آفريدي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست بعد سوشل ميڊيا تي جاري هڪ وڊيو ۾ پنهنجي ۽ ٽيم جي مايوس ڪارڪردگي تي قوم کان معافي گهري هئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنهن به سينيئر رانديگر جو نالو کڻڻ کانسواءِ هن چيو ته وڏي مايوس ڪندڙ ڳالهه آهي ته ڪجهه رانديگر ڪوڙ ڳالهائي سندس مٿان گند اڇلائي رهيا آهن.

هن چيو ته ڪيترائي ماڻهون اهڙا آهن،جيڪي پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*