خيبر ۽ اورڪزئي ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي فضائي ۽ زميني ڪاررواين ۾ 55 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ۽ اورڪزئي ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي فضائي ۽ زميني ڪاررواين ۾ 55 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته فضائي ڪارروائي دوران دهشتگردن جو زمين اندر دفن ڪيل بارودي مواد جو ذخيرو به تباهه ڪيو ويو  آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان موجب، گذريل ڏينهن سڪيورٽي فورسز دتا خيل واري علائقي ۾ فضائي ڪارروائي ڪئي.

ڊي جي آءِ ايس آءِ پي آر موجب، فضائي ڪارروائي ۾ 20 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ دهشتگردن جا 2 اهم ڪمانڊر به شامل آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران دهشتگردن جو زمين اندر دفن ٿيل بارودي مواد جو وڏو ذخيرو پڻ تباهه ڪيو ويو آهي ۽ ڌماڪن جو آواز پائليٽس پڻ ٻڌو.

ان کان اڳ سڪيورٽي فورسز اورڪزئي ايجنسي جي خزينه ڪنڊائو ۽ شيرين دره وارن علائقن ۾ ڪارروائي زميني ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب، ڪارروائي دوران 16 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان پڻ زخمي ٿي پيا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگرد پنهنجي 9 ساٿين جا لاش ڦٽا ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي زخمي حالت ۾ پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*