پ پ ملٽري ڪورٽس تي يقين نٿي رکي پر وقت جي ضرورت تحت ان معاملي تي اتفاق ڪيو مخدوم امين فهيم

پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر مخدوم امين فهيم چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي نه اچڻ بابت کيس ڪابه ڄاڻ ان بابت آصف زرداري پنهنجي تقرير ۾ ٻڌائيندو، رحمان ملڪ چيو آهي ته هو لنڊن بلاول کي پرچائڻ نه پر ذاتي ڪم سان ويو هو.

سکر ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم امين فهيم چيو ته پ پ ملٽري ڪورٽس تي يقين نٿي رکي پر وقت جي ضرورت تحت سمورين ڌرين ان معاملي تي اتفاق ڪيو.

مخدوم امين فهيم چيو ته دهشتگردن کي ملٽري ڪورٽس مان سزائون ڏياريون وينديون.

هڪ سوال جي جواب ۾ مخدوم امين فهيم چيو ته بلاول ڀٽو جي نه اچڻ بابت کيس ڪابه ڄاڻ ان بابت آصف زرداري پنهنجي تقرير ۾ ٻڌائيندو.

سکر ايئر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته هو لنڊن بلاول ڀٽو زرداري کي پرچائڻ نه پر ذاتي ڪم سان ويو هو.

هن چيو ته اڄ شهيد بينظيرڀٽو جي ورسي تي ميڊيا بلاول بابت سوال پڇي ٻي ڪا اسٽوري نه ٺاهي.

رحمان ملڪ چيو ته دهشتگرد گڏجي ويا آهن ۽ اسان سڀني کي گڏجي انهن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*