سياسي قيادت جي فوجي عدالتن جي قيام لاءِ رضامندي آئين جي خلاف آهي ياسين آزاد

سينئر وڪيلن جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتون جو قيام موجوده عدالتي نظام تي عدم اعتمنان جو اظهار آهي، سپريم ڪورٽ فوجي عدالتي نظام کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي.

ڪراچي ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمرن ۽ اڳواڻي سپريم ڪورٽ جي صدر ياسين آزاد ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ سموري سياسي قيادت جو دهشتگدري جي خاتمي لاءِ گڏ ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، پر سياسي قيادت جي فوجي عدالتن جي قيام لاءِ رضامندي آئين جي خلاف آهي.

هنن چيو ته فوجي عدالتن جي آئين ۾ ڪابه گنجائش نه آهي، جيڪي آئين جي آرٽيڪل 4 ۽ 5 ۾ بنيادي حقن جي تحفظ خلاف آهن.

هنن چيو ته سپريم ڪورٽ پشاور سانحي کانپوءِ ججز جو اهم اجلاس گهرائي خاموش پيغام ڏنو، آئين جي خلاف کڄندڙ قدم کي سپريم ڪورٽ رد ڪري سگهي ٿي…..

هنن مطالبو ڪيو ته قانوني معاملن بابت ۾ ٿيندڙ اهم فيصلن ۾ بار جي ميمبرن کي به شامل ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*