صحت بابت عالمي اداري پاڪستان ۾ پوليو جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پاڪستان مٿان پوليو سبب سفري پابندين ۾ ٽي مهينا واڌ ڪري ڇڏي

World-Health-210516

صحت بابت عالمي اداري پاڪستان ۾ پوليو جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پاڪستان مٿان پوليو سبب سفري پابندين ۾ ٽي مهينا واڌ ڪري ڇڏي آهي.

انٽرنيشنل هيلٿ ريگيوليشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان مٿان پوليو سبب سفري پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

صحت واري عالمي اداري پاڪستان جي صحت واري وزارت کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته پاڪستان مٿان پوليو سبب سفري پابندين ۾ ٽي مهينا واڌ ڪئي وئي آهي.

 خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پوليو جا ڪيسز وڌي رهيا آهن ۽ اتان گذريل مهيني پوليو جا 3 ڪيس افغانستان منتقل ٿيا.

صحت واري عالمي اداري، پاڪستان ۾ پوليو جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد کي پوليو جي خاتمي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گهرجن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*