پاڪستان ۾ مقرر افغان سفير عمر زخيوال انڪشاف چيو آهي ته هن سفارتڪار طور منصب سنڀالڻ کان اڳ پاڪستان جا ڳجها دورا ڪيا ۽ حزب اسلامي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ڳجهي نموني افغانستان به وٺي ويو هيس

omar-zakhilwal-210516

پاڪستان ۾ مقرر افغان سفير عمر زخيوال انڪشاف چيو آهي ته هن سفارتڪار طور منصب سنڀالڻ کان اڳ پاڪستان جا ڳجها دورا ڪيا ۽ حزب اسلامي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ڳجهي نموني افغانستان به وٺي ويو هيس.

اسلام آباد ۾ افغان امن عمل بابت چار ملڪي گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي افغان سفير عمر زخيوال چيو ته افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ آهي، خطي ۾ امن پاڪستان جي مفاد ۾ آهي.

هن چيو ته افغانستان ڪنهن جي مدد کانسواءِ حزب اسلامي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون پر افغانستان مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اڃا تائين عالمي برادري تي ڀاڙي رهيو آهي.

افغان سفير انڪشاف ڪيو ته هـُو سفارتڪار طور عهدو سڀنالڻ کان اڳ ڳجهي نموني پاڪستان جا دورا به ڪري چڪو آهي، جنهن دوران هن حزب اسلامي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.

عمر زخيوال جو اهو به چوڻ هو ته حزب اسلامي جي اڳواڻن کي ڳجهي نموني افغانستان وٺي ويا، جتي ڳالهين بعد ٻن مهينن اندر معاهدي تي به پهچي ويا هئا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*